سخي باقر شاهه وارو کوهه

سخي باقر شاهه وارو کوهه: موري (ضلعي نوشهري فيروز) ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورکان آڳاٽو آب رسائيءَ جو ذريعو هي کوهه هوندو هو. هيءُ کوهه اٽڪل 350 سال پراڻو آهي، جيڪو سخي باقر شاهه اول جي نالي سان سيد خاندان پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ شهر ٻاهران کوٽايو هو، جنهن جي اندر اوساريءَ ۾ 8x12 انچ ماپ جون سوا انچ ٿولهه واريون سرون لڳل آهن. کوهه کي وڏي مهارت سان ٺاهيو ويو آهي. هي کوهه موري جي اولهه طرف آباد خاندانن لاءِ پيئڻ جو پاڻي پڻ فراهم ڪندڙ هو. هن وقت هي کوهه شيعه امام بارگاهه جي حاطي اندر موجود آهي. اڄ کان 10 سال اڳ تائين کوهه جو پاڻي استعمال لائق هوندو هو، پر هاڻي واٽر سپلاءِ جي قائم ٿيڻ بعد هي کوهه ڪني پاڻيءَ سان ڀريل نظر اچي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو